بنده بيراگي

بنده بيراگي: بنده بيراگي سکن جو فوجي اڳواڻ هو. سندس نالو لڇمڻ ديو هو. راجوڙي جي علائقي پونڇ جو راجپوت هو. جوانيءَ ۾ ئي بيراڳي ٿي ويو ۽ درياهه گوداوريءَ جي ڪناري تي رهائش اختيار ڪيائين. گرو گوبند سنگهه جڏهن دکن ويو ته اتي سندس ملاقات بيراڳي سان ٿي. اتي هن کي سکن جو فوجي رهنما مقرر ڪيو ويو. بيراڳي واپس پنجاب آيو. ۽ سکن جي هڪ وڏي جماعت ٺاهي مغل علائقن تي حملا شروع ڪيائين. جمنا ۽ ستلج جي وچ واري علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيائين. مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو، عورتن جي بي حرمتي ڪئي. ٻارڙن کي بي رحمي سان قتل ڪيو. هن سکن جي مذهب ۾ ترميم ڪئي. ان ڪري سک سندس مخالف ٿي پيا ۽ الڳ ٿي ويا. 1716ع ۾ مغل بادشاهه فرخ سير جي زماني ۾ اٺ سو ساٿين سميت پڪڙجي پيو ۽ سمورن کي قتل ڪيو ويو.


لفظ بنده بيراگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو